تازه ترين

ڪراچيءَ ميونسپل ڪارپوريشن ۽ شھري حڪومت ۾ جعلي ڀرتين جو انڪشاف

ڪراچيءَ ميونسپل ڪارپوريشن ۽ شھري حڪومت ۾ جعلي ڀرتين جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڪي ايم سي ۾ ٻن آفيسرن جي جعلي ڀرتي وارو مامرو اينٽي ڪرپشن پھچي ويو آهي.

ٻنهي آفيسرن مٿان ڪي ايم سي مان ملير ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ بدلي ڪرائي غير قانوني طور عھدا وٺي رھائشي پلاٽ وڪرو ڪري ڪرپشن ڪرڻ جا الزام  آهن.

اينٽي ڪرپشن اوڀر ۽ ڏکڻ زون به ٻنھي آفيسرن کي جاري ڪيل نوٽيس تي ست مھينا گذرڻ باوجود ڪارڪرگي ڏيکارڻ ۾ طاقتور ڪامورا اينٽي ڪرپشن کي رڪارڊ پيش ڪرڻ ۾ به سگھارا نڪتا.

سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل ٻنھي جعلي ملازمن جي مقرري ۽  ايم ڊي اي ۾ رھائشي منصوبن اندر ڪرپشن جا تفصيل ھٿ ڪري ورتا آهن.

2011 ۾ ھڪ سياسي جماعت جي پٺڀرائي سبب ظھور خان ۽ اسد بلوچ کي ضلعي حڪومت ۽ ڪي ايم سي ۾ 16 گريڊ ۾ ڀرتي ڪيو ويو.

ذريعن موجب جعلي ڀرتين جي ڇنڊ ڇاڻ دوران ٻنھي آفيسرن سفارشون ڪرائي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي سسٽم ۾ اچي سڻڀا عھدا حاصل ڪري ڪروڙين روپيا حاصل ڪيا .

ذريعن موجب اسد بلوچ ڊائريڪٽر لينڊ مئنيجمينٽ ۽ ظھور خان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عھدن جو ناجائز استعمال ڪندي ذاتي فائدا حاصل ڪيا.

انگ اکرن موجب ايم ڊي اي جي ھڪ آفيسر پاران ڪي ايم سي جي ٻنھي آفيسرن خلاف اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کي ثبوتن سان گڏ درخواستون ڏنيون ويون.

درخواست ڏيندڙ اينٽي ڪرپشن اوڀر ۽ اولھه کي اسد بلوچ ۽ ظھور خان خلاف ڪراچي شھري حڪومت ۽ ڪي ايم سي ۾ جعلي ملازمت جا ثبوت پيش ڪيا.

اينٽي ڪرپشن پاران جاري نوٽس ۾ ٻنھي ملازمن کي ڪي ايم سي ۾ جعلي ڀرتي ۽ ايم ڊي اي ۾ ڪرپشن ذريعي غيرقانوني ٽرانزيڪشن مامري تي طلب ڪيو.

ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن رھائشي ڪاٽيج انڊسٽريل جي پلاٽ الاٽمينٽ واري رڪارڊ سميت طلب ڪيو پر ھو رڪارڊ پيش نه ڪري سگھيا.

اينٽي ڪرپشن جي خط ۾ اسد بلوچ ۽ ظھور خان مٿان ڪراچي تئيسر ٽائون اسڪيم 45 جي رھائشي اسڪيمن جي پلاٽن ۾ غير قانوني ٽرانزيڪشن جا الزام لڳايا ويا آھن

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.7 ° C
16.7 °
16.7 °
26 %
0.6kmh
0 %
آچر
17 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون