تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچيءَ ۾ جي يو آءِ سنڌ جي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي جي صدارت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس

- Advertisement -
سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف جي يو آءِ سنڌ جي سڏ تي آل پارٽي ڪانفرنس جو جي ڊي اي، ايس يو پي ۽ پي ٽي آءِ بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت مختلف پارٽين جي نمائندن جي شرڪت ڪئي. ڪراچيءَ ۾ جي يو آءِ سنڌ جي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي جي صدارت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي رهي آهي. جي ڊي اي، ايس يو پي ۽ پي ٽي آءِ آل پارٽيز ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير ڄام خان شورو، عاجز ڌامراهه، ن ليگ جي بشير ميمڻ، ايم ڪيو ايم جي عبدالحسيب، عوامي نيشنل پارٽي جي يونس بونيري ۽ جماعت اسلامي جي حافظ نصر الله چنا شريڪ آهن. مرڪزي مسلم ليگ جو فيصل نديم، جي يو پي جو مفتي محمد غوث صابري، قومي عوامي تحريڪ جو مظهر راهوجو ۽ ٻيا به شريڪ آهن. جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومري اي پي سي جي ايجنڊا پيش ڪئي. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مختلف سياسي اڳواڻن پاران ارسا ايڪٽ ۽ سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ خلاف ڳالهيون پيون وڃن. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي، صوبي جي پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، وفاقي سرڪار کي ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو فوري طور رد ڪرڻ گهرجي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
10 %
3.2kmh
32 %
آچر
22 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون