- Advertisement -
سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف جي يو آءِ سنڌ جي سڏ تي آل پارٽي ڪانفرنس جو جي ڊي اي، ايس يو پي ۽ پي ٽي آءِ بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت مختلف پارٽين جي نمائندن جي شرڪت ڪئي.
ڪراچيءَ ۾ جي يو آءِ سنڌ جي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي جي صدارت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي رهي آهي.
جي ڊي اي، ايس يو پي ۽ پي ٽي آءِ آل پارٽيز ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.
سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير ڄام خان شورو، عاجز ڌامراهه، ن ليگ جي بشير ميمڻ، ايم ڪيو ايم جي عبدالحسيب، عوامي نيشنل پارٽي جي يونس بونيري ۽ جماعت اسلامي جي حافظ نصر الله چنا شريڪ آهن.
مرڪزي مسلم ليگ جو فيصل نديم، جي يو پي جو مفتي محمد غوث صابري، قومي عوامي تحريڪ جو مظهر راهوجو ۽ ٻيا به شريڪ آهن.
جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومري اي پي سي جي ايجنڊا پيش ڪئي.
آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مختلف سياسي اڳواڻن پاران ارسا ايڪٽ ۽ سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ خلاف ڳالهيون پيون وڃن.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي، صوبي جي پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، وفاقي سرڪار کي ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو فوري طور رد ڪرڻ گهرجي…….- Advertisement -
