تازه ترين

ڪراچيءَ ۾ مهانگائي جي دور ۾ هڪ سماجي اڳواڻ غريب ماڻهن ۾ پيٽرول ورهائڻ شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچيءَ ۾ مهانگائي جي دور ۾ هڪ سماجي اڳواڻ غريب ماڻهن ۾ پيٽرول ورهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ مھانگائي کان بيزار عوام لاءِ مفت پيٽرول ڏيارڻ جو بندوبست ڪيو ويو.

 ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي سماجي اڳواڻ قيص منصور شيخ چيو ته مھانگائي سبب غريب ماڻھو پريشان حال ٿي ويو آھي.

 ھن چيو ته نگران حڪومت کي پيٽرول جا اگھه نه وڌائڻ گھرجن، پھريان ئي عوام مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي.

 سندس چوڻ ھو ته مھانگائي سبب روزڪمائي کائيندڙن کي ھڪ ڏينھن جو پيٽرول مفت ڏنو ويو آھي ته جيئن ھڪڙو ڏينھن ھو پريشاني کان بچي سگھن.

 قيص منصور شيخ چيو ته غريب ۽ پورھيت ماڻھن کي رليف ڏيارڻ جي  لاءِ فري پيٽرول جو بندوبست ڪيو ويو آھي..

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,162FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
33 %
3kmh
3 %
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون