تازه ترين

ڪراچي:ايف آءِ اي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل جي ڪارروائي، جوابدار گرفتار، ڪرنسي هٿ

- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ ايف آءِ اي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل ڪارروائي ڪري غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري  پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪري ورتي آهي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي آءِ آءِ چندريگر روڊ ويجهو ڪارروائي دوران غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث جوابدار شاهنواز کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ترجمان موجب، ڪارروائي دوران جوابدار کي پرڏيهي ڪرنسي ايڪسچينج ڪندي سڳ سوڌو گرفتار ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار وٽان 35 هزار يو اي اِي درهم به هٿ ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي ترجمان موجب، جوابدار بنا لائسنس جي ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث آهي، شاهنواز هٿ آيل ڪرنسي بابت عملدارن کي مطمئن نه ڪري سگهيو. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي عمل ۾ آندي وئي ۽ سندس خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.9 ° C
25.9 °
25.9 °
44 %
2.4kmh
1 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون