- Advertisement -
ڪراچي ۾ ايف آءِ اي اميگريشن ڪارروائي ڪندي جعلي ڪاغذن تي سفر ڪندڙ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايف آءِ اي ترجمان موجب، گرفتار جوابدار جي محمد ڪاشف جليل طور سڃاڻپ ٿي، جوابدار اڏام نمبر جي نائن 548 ذريعي پاڪستان پهتو.
ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته اميگريشن پراسيس دوران جوابدار جا دستاويز شڪي هئڻ تي پاسپورٽ ۽ ٻين ڪاغذن کي سيڪنڊ لائن آفيس جي فارنزڪ پراسيس مان گذاريو ويو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب، پاسپورٽ تي لڳل عراقي ويزا تي ضروري سڪيورٽي ۽ ٻيون خصوصيتون موجود نه هيون.
ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب جوابدار جعلي دستاويز اٽڪ واسي ثاقب نالي ايجنٽ کان 500 ڊالر ۾ حاصل ڪيا.
ايف آءِ اي ترجمان موجب، جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ انساني سمگلنگ ٽوڙ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
