تازه ترين

ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي ضلعي عدالتن ۾ مڪمل ڪم ڇڏ هڙتال

- Advertisement -
ڪراچي بار ايسوسيئيشن اڄ 17 نومبر تي ڪراچي جي ضلعي عدالتن ۾ مڪمل هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي بار اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ بار ڪائونسل جي فيصلي جي روشني ۾ اڄ 17 نومبر تي وڪيلن پاران عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو چوڻ هو ته سکر ڪنوينشن جي ڪيل فيصلي موجگب ڪراچي بار 18 نومبر کان 22 نومبر تائين صبح 11 وڳي کان وڪيلن پاران علامتي هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. عامر نواز وڙائچ جو چوڻ هو ته ڪراچي بار پاران ضلعي ۽ سيشن جج ڏکڻ، اولهه، اوڀر ۽ سينٽر کي خط لکي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي بار پاران ججن جي ماتحت عدالتن کي انتظامي هدايتون جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. هڙتال جو فيصلو سنڌ بار ڪائونسل جي قرارداد جي اعلان موجب ڪيو ويو آهي. نوشهروفيروز ضلعي بار سميت سمورن تعلقي بارز ۾ وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. نوشهروفيروز، مورو، ڀريا، ڪنڊيارو ۽ محرابپور بار ۾ وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته 27هين ترميم غيرقانوني آهي اها ختم ڪئي وڃي، ترميم واپس ٿيڻ تائين سمورا وڪيل سراپا احتجاج رهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون