تازه ترين

ڪراچي جا 10 سب رجسٽرار تبديل، روينيو کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري

انسپيڪٽر جنرل آف رجسٽريشن سنڌ حيدرآباد، ڪراچي جي ڏهن سب رجسٽرارن کي تبديل ڪري ڇڏيو جنهن جو روينيو کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

گلبرگ، لياقت آباد، شاهه فيصل، بلديه، جمشيد ٽائون، ڪلفٽن ٽو، گڏاپ، اورنگي، ڪلفٽن ون ۽ بن قاسم ٽائون ۾ مقرريون ڪيون ويون آهن.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، آفتاب احمد ڪلوئي کي گلبرگ ٽائون، راڻا وحيد علي کي لياقت آباد ٽائون  ۾ سب رجسٽرار مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته امان الله سومري کي شاھ فيصل ٽائون ۽ سيد نسيم شاهه جي بلديا ٽائون ۾ سب رجسٽرار طور مقرري ڪئي وئي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ذوالفقار ڪيريو کي جمشيد ٽائون، ذوالفقار علي لاکو کي، ڪلفٽن ٽو ۽  دوست محمد کي گڏاپ ٽائون جو سب رجسٽرار مقرر ڪيو ويو.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته نذير احمد عمراڻي جي اورنگي ٽائون، فاروق احمد شيخ جي ڪلفٽن ون ۽ سيد اشفاق حسين شاھه جي بن قاسم ٽائون ۾ سب رجسٽرار طور مقرر ڪئي وئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
9 %
4.4kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
35 °
جمعو
35 °
ڇنڇر
35 °

تازه ترين خبرون