تازه ترين

ڪراچي: جده ويندڙ مسافر جي بيگ مان هڪ ڪروڙ رپين جي منشيات هٿ

- Advertisement -
ڪراچي ايئرپورٽ تي جده ويندڙ مسافر جي ٿيلهي مان منشيات هٿ ڪئي وئي آهي. مسافر امتياز علي کي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽم عملدارن طرفان جده لاءِ اڏام تي چڙهڻ کان اڳ روڪيو ويو. ڪسٽم اختيارين موجب مسافر جي سامان جي شروعاتي تلاشي ۾ ڪا به شڪي شيءِ نه ملي. وڌيڪ جاچ دوران، عملي مسافر جي ٽرالي بيگ کي ڦاڙيو ۽ ان جي جانچ ڪئي. ڪسٽم عملدارن مسافر جي ٿيلهي جي ڳجهن خانن مان 500 گرام ڪرسٽل آئس ۽ 80 گرام هيروئن هٿ ڪئي. ڪسٽم اختيارين موجب ضبط ڪيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت هڪ ڪروڙ رپيا آهي، جوابدار خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
4.5 ° C
4.5 °
4.5 °
32 %
1.5kmh
0 %
ڇنڇر
4 °
آچر
13 °
سُومر
12 °
اڱارو
12 °
اربع
11 °

تازه ترين خبرون