تازه ترين

ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، ٽي ڏوهاري گرفتار

ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ سنڌ رينجرز ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي اورنگي ٽائون جي اسلاميه ڪالوني ۾ ڪاررروائي ڪئي وئي جنهن دوران ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.

رينجرز ترجمان موجب، گرفتار ڏوهارين ۾ عبدالرحمان عرف گولڊن، آصف عرف تـُخن ۽ عبدالله کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 2 ايم ايم نائن پسٽل گوليون ۽  موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي.

ترجمان موجب، گرفتار ڏوهارين ساٿين جي مدد سان اسلاميه ڪالوني ۾ هڪ گدام تان شهرين کان 2 موبائل فون ۽ هڪ لک 5 هزار روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا، سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

ترجمان موجب، شروعاتي جاچ موجب، ڏوهارين قصبه ڪالوني، بلوچ ڪالوني، اسلاميه ڪالوني، نصرت ڀٽو ڪالوني، حيدري، نارٿ ناظم آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦر جون 20 کان وڌيڪ وارداتن ۾ 25 کان وڌيڪ موبائل فونز ۽ 6 لک رپيا روڪ ڦر ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي…

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون