- Advertisement -
نقيب الله قتل ڪيس جو مک شاهد پنهنجي بيان تان ڦري ويو.
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
شاهد هيڊ ڪانسٽيبل راجا جهانگير پنهنجي شاهدي ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت ۽ شعيب شوٽر سميت ستن جوابدارن جي سڃاڻپ ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
شاهد بيان ڏنو ته کائنس بيان زبردستي ورتو ويو ھو، اعليٰ اختيارين جي دٻاءُ سبب پوليس جي لکت واري بيان تي صحيحون ڪيون ھيون.
ڪيس جي شاھد جي ڦري وڃڻ سبب پراسيڪيوشن طرفان شاھد جو نالو واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي وئي.
پراسيڪيوشن چيو ته ڪيس جي شاهد راجا جهانگير جو نالو واپس وٺڻ چاهين ٿا.
ڪيس جي مک شاهد جو نالو واپس وٺڻ تي مخالف ڌر جي وڪيل اعتراض واريو ۽ چيو ته شاهد جو نالو واپس نٿو وٺي سگهجي.
هن چيو ته شاهد جي بيان تي دليل ڏيڻ جي هدايت ڪئي وڃي.
عدالت ڪيس جي شاهد جي بيان تي دليل لاءِ وڪيل جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
پراسيڪيوشن موجب ڪيس ۾ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار سميت 18 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بري ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت سميت ست پوليس آفيسر ۽ اهلڪار رپوش هئا، هڪ جوابدار شعيب شوٽر ضمانت تي آهي، جڏهن ته امان الله مروت سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي…- Advertisement -
