تازه ترين

ڪراچي جي شارع فيصل سميت مختلف روڊن کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو

- Advertisement -
ايراني صدر جي ڪراچي آمد جي موقعي تي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيل شاهراهه فيصل سميت مختلف روڊن کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. ٽريفڪ پوليس موجب شاهراهه فيصل ۽ ايم اي جناح روڊ سميت شاهراه قائدين کان نمائش طرف ايندڙ روڊ ٽريفڪ لاءِ بحال آهي. ٽريفڪ پوليس موجب ڪراچي جي مختلف اهم روڊن تان ڪنٽينر کڻي سائيڊ تي رکيا ويا آهن. ٻئي پاسي ضياءُ الدين احمد روڊ اڄ به ٽريفڪ لاءِ بند آهي، جڏهن ته ميٽرو پول سگنل کان پي آءِ ڊي سي ڏانهن ويندڙ روڊ به بند آهي. ياد رهي ته ايراني صدر جي ڪراچي دوري جي موقعي تي شهر جي مختلف رستن تي ڪنٽينر لڳائي ۽ رڪاوٽون وجهي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو هو. ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي ٽريفڪ پوليس پاران شهرين جي سهولت لاءِ متبادل ٽريفڪ پلان پڻ جاري ڪيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
25 %
5kmh
0 %
اڱارو
30 °
اربع
35 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون