- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي حاجي ليمون ڳوٺ ۾ ڌماڪي سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا.
گلشن اقبال ٽائون جي حاجي ليمون گبول ڳوٺ ۾ ڌماڪو ٿيو.
ڌماڪي سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي ٿي پيا.
ڌماڪي بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو .
ڌماڪي بعد مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي امدادي ٽيمن اسپتال پهچايو.
ڊي آءِ جي اوڀر جو چوڻ آهي ته جوابدار دستي بم هٿ ۾ کڻي ٻاهر نڪري رهيو هو ته ڌماڪو ٿي پيو.
سندس چوڻ هو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…- Advertisement -
