تازه ترين

ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ گرلز ڊگري ڪاليج، پبلڪ پارڪ ۽ وومين ڊولپمينٽ ڪمپليڪس تان قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ طرفان ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ گرلز ڊگري ڪاليج، پبلڪ پارڪ ۽ وومين ڊولپمينٽ ڪمپليڪس تان قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڊگري ڪاليج ۽ پبلڪ پارڪ بابت منع نامو به ختم ڪري ڇڏيو. سنڌ هائيڪورٽ ۾ صفوران ٽائون جي يوسي سچل ڳوٺ واري علائقي ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج، پبلڪ پارڪ ۽ شهيد بينظير ڀٽو وومين ڊولپمينٽ ڪمپليڪس تي قبضي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت سچل ڳوٺ گرلز ڊگري ڪاليج، پبلڪ پارڪ ۽ وومين ڊولپمينٽ ڪمپليڪس تان قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ هائيڪورٽ ڊگري ڪاليج ۽ پبلڪ پارڪ بابت منع نامو به ختم ڪري ڇڏيو. عدالت رمارڪس ڏنا ته هي عوامي ڀلائي جا منصوبا آهن، ڪنهن کي قبضا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. عدالت ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ۽ ٻين واسطيدار ادارن کي عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
15.9 ° C
15.9 °
15.9 °
7 %
1.1kmh
38 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون