- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچيءَ ۾ پاور هائوس چورنگي ڀرسان ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار زخمي ٿي پيو جنهن کانپوءِ مڇريل ماڻهن ڪيتران ئي ڊمپرن کي باهه ڏئي ڇڏي.
نارٿ ڪراچي پاور هائوس چورنگي حادثي جي هڪ اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته ڊمپر ڊرائيور 17 کان 18 سالن جو ڇوڪرو هو، جيڪو ريس لڳائيندي اچي رهيو هو.
اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته ريس لڳائيندڙ ڊمپر ڊرائيور کي ماڻهن روڪيو ۽ مارڪٽ ڪئي، ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ڊمپر موٽر سائيڪل تي چاڙهي ڇڏيو،جنهن ۾ 2 موٽر سائيڪلون تباهه ٿي ويون پر ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، پر هڪ موٽر سائيڪل سوار زخمي ٿيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته پاور هائوس چورنگي ۽ فور ڪي چورنگي ڀرسان مڇريل ماڻهن 9 گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي.
پوليس موجب، متاثر گاڏين ۾ 5 ڊمپر ۽ 4 واٽر ٽينڪر شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته پنجن ئي ڊمپرن کي پاور هائوس چورنگي تي ساڙيو ويو، ٽي واٽر ٽينڪرن کي فور ڪي چورنگي ۽ هڪ کي سرجاني بابا موڙ تي مڇريل ماڻهن باهه ڏني، جنهن کانپوءِ سمورين گاڏين ۾ لڳل باهه وسائي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي سمورين اسپتالن مان حادثن بابت ڄاڻ ورتي پئي وڃي.
ڊمپر ايسوسيئيشن اڳواڻ لياقت محسود پاور هائوس چورنگي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي دعوى ڪئي ته سندس 11 گاڏيون ساڙيون ويون.
هن چيو ته حادثي ۾ ڪو زخمي ٿيو آهي ته سامهون آندو وڃي، ڊمپرن کي ساڙڻ وارن ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي، حڪومت تحفظ فراهم ڪري.
ٻئي پاسي پاور هائوس چورنگي تي ڊمپرن کي باهه ڏيڻ خلاف سپر هاءِ وي تي احتجاج ڪيو ويو، ڊمپر ڊرائيورن سهراب ڳوٺ الاسف اسڪوائر جي ويجهو روڊ تي ڀريل ڪچرو اڇلائي ڇڏيو جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني معطل ٿي وئي.
هوڏانهن ڪراچي ۾ ڊمپر کي باهه ڏيڻ ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ رات دير سان ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، جنهن ۾ پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي سينٽرل موجب، سي سي ٽي وي ۽ وڊيوز ذريعي شڪي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.
ايس ايس پي سينٽرل جي ترجمان موجب، سي سي ٽي وي ۽ وڊيوز ذريعي شڪي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.
ايس ايس پي سينٽرل جو چوڻ آهي ته پاور هائوس ڏانهن ويندڙ رستا کليل آهن ۽ ٽرئفڪ جاري آهي، پوليس جي وڏي نفري موجود آهي، ۽ امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصرن کي نه بخشيو ويندو……..- Advertisement -
