- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ناگن چورنگي ويجهو اليڪٽرونڪ گودام ۾ باهه لڳي وئي، جنهن بعد فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو کان مدد طلب ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب واٽر ڪارپوريشن جي سي اي او سخي حسن هائيڊرينٽ تي ايمرجنسي لاڳو ڪري واٽر ٽينڪر واقعي واري هنڌ روانا ڪري ڇڏيا.
ترجمان موجب انچارج هائيڊرنٽس سيل فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو عملي سان رابطي ۾ آهن، جڏهن ته هائيڊرنٽس سيل جو فوڪل پرسن سي اي او ذاتي طور تي آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي.
ترجمان موجب فائر برگيڊ باهه وسائڻ لاءِ پاڻي جي فراهمي جو سلسلو جاري رکيو ويندو، جڏهن ته باهه تي ضابطو آڻڻ تائين واٽر ٽينڪر پڻ فراهم ڪيا ويندا..- Advertisement -
