تازه ترين

ڪراچي جي علائقي پراڻي گوليمار ۾ سرچ آپريشن دوران پوليس اهلڪار جي شهادت ۾ ملوث خطرناڪ ڏوهاري مارجي ويو.

ڪراچي جي علائقي پراڻي گوليمار ۾ سرچ آپريشن دوران پوليس اهلڪار جي شهادت ۾ ملوث خطرناڪ ڏوهاري مارجي ويو.

ايس ايس پي ڪياماڙي جو چوڻ آهي ته پراڻي گوليمار جهان آباد ۾ سرچ آپريشن دوران مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ عمران عرف ٽـِڊا طور ٿي.

ايس ايس پي موجب، مارجي ويل ڏوهاري جو تعلق لياري گينگ وار جي گروپ رياست جدگال سان هو.

ايس ايس پي ڪياماڙي ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهاري جي قبضي مان نائن ايم ايم پسٽل هٿ آيو جڏهن ته سندس ٻين ساٿين جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ ڪالوني جي پراڻي گوليمار واري علائقي ۾ منشيات فروشن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو هو. جنهن بعد پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ڪياماڙي کان واقعي جي رپورٽ طلب طلب ڪئي هئي جنهن موجب، مقتول اهلڪار جي هڪ سال اڳ شادي ٿي هئي ۽ هو گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو……

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون