ڪراچي جي علائقي ڊفينس موڙ وٽ ٻن گاڏين ۾ ٽڪر سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڊفينس موڙ وٽ پڪ اپ وين ۽ ڪار ۾ ٽڪر کانپوءِ وين ڪلٽي ٿي پئي.
پوليس موجب، حادثي ۾ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شامل وين ڊرائيور 25 ورهين جي حماد علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي کانپوءِ ڪار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، حادثو امڪاني طور تي ڪار جي تيز رفتاري سبب پيش آيو.
پوليس ڪار ۽ وين کي تحويل ۾ وٺي وٺي ڇڏيو ته ڪار جو ڊرائيور فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا شروع ڪئي پئي آهي.