ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ڪار حادثي ۾ ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر رعنا انصاري جو پٽ شاهزيب نقوي فوت

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ڪار حادثي ۾ ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر رعنا انصاري جو پٽ شاهزيب نقوي فوت ٿي ويو. ريسڪيو اختيارين موجب حادثو صبح جو ڪلفٽن انڊر پاس ويجهو پيش آيو، ڪار ڪلٽي ٿي فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ نوجوان شاهه زيب مٿي تي ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، سندس دوست زخمي ٿي پيو. پوليس اختيارين موجب فوتي نوجوان راشد منهاس روڊ تي عسڪري فور جو رهواسي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عورت قومي اسميبلي ميمبر رعنا انصار ۽ مرحوم سينيئر صحافي انصار علي نقوي جو ننڍو پٽ هو. پوليس قانوني ڪارروائي کانپوءِ فوتي نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. وارثن موجب سيد شاهزيب نقوي جي جنازي نماز اڄ عشاء جي نماز کانپوءِ عسڪري 4 جي مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي. صدر آصف علي زرداري، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسور ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين طرفان ايم ڪيو ايم اڳواڻ رعنا انصار سان سندس پٽ جي فوتگيءَ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري مرحوم جي مغفرت ۽ وارثن کي صبر عطا ڪرڻ لاءِ دعا ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته رعنا انصاف جي نوجوان پٽ شاهزيب نقوي جي فوت ٿيڻ تي گهڻو ڏک پهتو، اهي رعنا انصار سان سندس ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن……… ……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
37%
1m/s
0%
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون