ڪراچي جي علائقي گارڊن ايسٽ ۾ ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا کوهه ۾ ڪـِري فوت

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي گارڊن ايسٽ ۾ ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا کوهه ۾ ڪـِري فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب گارڊن ۾ رهائشي اپارٽمنٽ ڀرسان 2 ٻارڙا ڪرڪيٽ کيڏندي کوهه ۾ ڪري پيا، ٻارڙن کي بچائڻ لاءِ کوهه ۾ لٿل نوجوان ڦاسي پيو. ٻارڙن جي کوهه ۾ ٻڏي وڃڻ جي اطلاع تي ٻارڙن کي بچائڻ لاءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون، پر ٻه ٻار ۽ کين بچائڻ لاءِ کوهه ۾ لٿل نوجوان فوت ٿي ويا، جن جا لاش ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا. ريسڪيو ۽ پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻارڙا سني اپارٽمينٽ جا رهواسي هئا، کين کوهه ۾ ٻڏندي ڏسي هڪ نوجوان کين بچائڻ لاءِ هيٺ لهي ويو، پر ٽئي ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻارن جي عمر 10 کان 12 سالن جي وچ ۾ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
21%
1m/s
0%
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
22 °

تازه ترين خبرون