ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ 18 هين ڪنزيومرس چوائيس ايوارڊ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وزير ثقافت سيد ذوالفقار شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ عمان ۽ ترڪي سميت ٻين ملڪن جي قونصل جنرلز، ڊي جي فارين افيئرز عرفان سومرو سميت ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي.
وزير ثقافت سيد ذوالفقار شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ثقافتي ۽ تاريخي عمارتن کي محفوظ بڻايو پيو وڃي، ڪمرشل ويڊنگ شوٽس جي فيس به گهٽ ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته ننگرپارڪر هڪ خوبصورت جڳهه آهي، گورک هل اسٽيشن پاڪستان ۾ ٻئي نمبر تي بلند ترين ٽوئرزم جي جڳهه آهي.
سندس چوڻ هو ته شين کي بهتر بڻائڻ لاءِ هو پبلڪ پارٽنرشپ طرف وڃي رهيا آهن،
سيد ذوالفقار شاهه چيو ته هو سياحن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ شين کي بهتر بڻائي رهيا آهن، ڪينجهر ڍنڍ تي گهڻا سياح گهمڻ اچن ٿا، سڄي دنيا جا ماڻهو سنڌ گهمڻ ايندا آهن.
ڪنزيومر ايسوسي ايشن آف پاڪستان جي چيئرمين ڪوڪب اقبال طرفان تقريب منعقد ڪئي وئي……