- Advertisement -
ڪراچيءَ جي اسپيشل اينٽي ڪرپشن ڪورٽ روينيو کاتي ۾ زمينن جي کاتن ۾ ڦيرڦار ۽ جعلسازي ڪري رشوت وٺڻ بابت ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اسپيشل جج صوبائي اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ زمينن جي کاتن ۾ ڦيرڦار ۽ جعلسازي ڪري رشوت وٺڻ بابت ڊي سي ملير آفيس جي عورت ڪلارڪ شبانه ڪنول ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالت ۾ جاچ آفيسر چالان جمع ڪرائي چيو ته ڏوھه ۾ استعمال ٿيندڙ جوابدارن جو موبائل لاهور جي ليبارٽري مان فارنزڪ ڪرايو آهي جنهن ۾ رشوت وٺڻ جي ثابتي ٿي آهي.
اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر ڪيس جي فريادي ۽ شاهدن کي به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
جاچ آفيسر چيو ته ڪيس جي فريادي، اسسٽنٽ ڪمشنر ملير ۽ مختيار ڪار ۽ يوسي سيڪريٽن سميت 19 ڄڻن کي جوابدارن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن ۾ ملير جي روينيو کاتي جي سينئر ڪلارڪ شبانه ڪنول، اسسٽنٽ ڪمشنر ملير اعجاز هاليپوٽو، مختيارڪار محمد اسلم شر ۽ ٻيا شامل آهن.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي گواهن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 26 فروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي .
ڊي سي ملير آفيس جي روينيو ڪلارڪ شبانه ڪنول کي زمينن جي کاتن ۾ ڦيرڦار ۽ جعلسازي ڪرڻ جي الزام ۾ وڊيو رڪارڊنگ تي ھڪ ڪروڙ 14 لک 85 ھزار رپيا رشوت وٺڻ جي الزام ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ھو.
رشوت وٺڻ جي وڊيو رڪارڊنگ سوشل ميڊيا تي جاري ٿي ھئي.
جوابداره شبانه ڪنول ۽ ٻيا ضمانت تي آزاد آھن.- Advertisement -
