ڪراچي ۾ سچل ٿاڻي جي پوليس موبائل تي گشت دوران اڻڄاتل جوابدارن دستي بم سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته حملي آور موٽر سائيڪل تي سوار هئا، کين ماسڪ پهريل هو، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب، اڻڄاتل حملي آور اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارا موقعي پهچي ويا.
ايس ايس پي اوڀر زبير نذير شيخ جو چوڻ آهي ته واقعو رم جهم اپارٽمينٽس ڀرسان پيش آيو، پوليس موبائل تي دستي بم حملو ڪيو ويو يا ڪريڪر ڌماڪو آهي ان جو تعين ڪيو پيو وڃي.
ايس ايس پي اوڀر جو وڌيڪ چوڻ هو ته حملي ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو، جڏهن ته اهلڪارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.