تازه ترين

ڪراچي شهر جو امن وڏي مشڪل سان بحال ٿيو آهي: ناصر شاهه ۽ سعيد غني

- Advertisement -
پيپلزپارٽي ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ پيش آيل واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ ناصر شاهه ۽ سعيد غني جو چوڻ آهي ته ڪراچي شهر جو امن وڏي مشڪل سان بحال ٿيو آهي، پيپلز پارٽي ڪراچي تي نه پر ماڻهن جي دلين تي قبضو ڪري سگهي ٿي، هو سينٽرل ضلعي ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ڪن ٿا، سينٽرل ضلعي ۾ پيش آيل واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، ڏوهاري جو تعلق ڪهڙي به پارٽي سان هجي سزا ملڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ پ پ اڳواڻ سعيد غني ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر شاهه چيو ته ڪراچي شهر جو امن وڏي مشڪل سان بحال ٿيو آهي، پيپلز پارٽي ڪراچي تي نه پر ماڻهن جي دلين تي قبضو ڪري سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته هو سينٽرل ضلعي ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ڪن ٿا، سينٽرل ضلعي ۾ پيش آيل واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي. پ پ اڳواڻ ناصر شاهه چيو ته ڏوهاري جو تعلق ڪهڙي به پارٽي سان هجي سزا ملڻ گهرجي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي انتقام جي سياست تي يقين نٿي رکي، ڪراچي شهر جو امن سڀني کي عزيز آهي. هن چيو ته ناظم آباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو افسوسناڪ آهي، واقعي ۾ پيپلزپارٽي جا به 3 ڪارڪن زخمي ٿي آهن. پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته اليڪشن تائين ڪراچي شهر جو امن پرامن رهڻ گهرجي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
41 %
3.5kmh
65 %
اربع
25 °
خميس
32 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
32 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون