تازه ترين

ڪراچي مان 2 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل ڳوٺاڻو ڊکڻ ڀرسان بازياب

- Advertisement -
ڪراچي جي صدر واري علائقي مان 2 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ڊکڻ جي ڳوٺ جان محمد لاشاري واسي نوجوان کي پوليس پاران مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. اغوا ٿيل نوجوان عبدالمجيد لاشاري کي ڊکڻ پوليس مبينا مقابلي بعد حيات واهه وٽان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي. نوجوان عبدالمجيد لاشاري جو چوڻ هو ته هو ڪراچيءَ جي علائقي صدر ۾ مزدوري ڪندو هو، جتان کيس 3 اڻڄاتل ھٿياربندن اغوا ڪري شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ڏانهن کڻي وڃي رهيا هئا ته پوليس ڪارروائي ڪري کيس بازياب ڪرائي ورتو. هوڏانهن ڊکڻ پوليس پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان عبدالمجيد لاشاري 2 ڏينهن اڳ ڪراچيءَ صدر واري علائقي مان اغوا ٿيو هو، جنهن کي ڳجهي اطلاع تي لاڙڪاڻو _شڪارپور قومي شاهراهه حيات واهه وٽان ڪارورائي ڪري بازياب ڪرايو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون