تازه ترين

ڪراچي: مبينا پوليس مقابلو، 2 ڏهاري مارجي ويا، هڪ شهري قتل

ڪراچيءَ ۾ سپر هاءِ وي تي جمالي پل ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا جڏهن ته ڏوهارين جي فائرنگ ۾ هڪ شهري قتل ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جمالي پل ڀرسان ڏوهاري شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته پيٽرولنگ تي موجود پوليس پهچڻ تي مقابلو ٿي پيو.

پوليس موجب، ڏوهارين فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس موجب، مارجي ويل ٻنهي ڏوهارين جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي سندن قبضي مان هٿيار، ڦر ڪيل سامان ۽موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي فائرنگ ۾ 22 ورهين جو نوجوان شيخ محمد نهال قتل ٿي ويو جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ 32 ورهين جو شيخ محمد اياز طور ٿي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين ۽ شهري جو لاش ۽ زخمي شهري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
5.4kmh
2 %
خميس
35 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون