سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول چيو آهي ته ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز آهي، جتي هر ٻولي جو ماڻهو رهي ٿو، روزانو لکين ماڻهو بنا ڪنهن مناسب ٽرانسپورٽ نظام جي سفر ڪن ٿا، سنڌ حڪومت ڪراچي جي ٽرانسپورٽ لاءِ بهتر قدم کڻندي ستن بي آر ٽي پراجيڪٽن مان ٻه مڪمل ڪيا آهن.
بيجنگ ۾ ون بيلٽ ون روڊ فورم کي خطاب ڪندي نگران وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ به محفوظ ٽريفڪ نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، عورتن لاءِ محفوظ ٽرانسپورٽ آپشن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏنو يو آهي.
هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي 43 ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي، وسيع ريلوي نيٽورڪ تي 2 ارب ڊالر سيرپڪاري ٿيندي، ڪي سي آر منصوبو شهر جي اهم علائقن کي ڳنڍي ٿو.
وڏي وزير چيو ته ڪي سي آر کي شهر جي بي آر ٽيز سان ڳنڍڻ لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي، عوام جي اچ وڃ آسان بنائڻ سان گڏ ٽريفڪ گهٽ ڪرڻ ۾ ڪي سي آر جو اهم ڪردار هوندو.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ڪي سي آر ساڍا 6 لک مسافرن کي سفري سهولتون فراهم ڪندو، ڪي سي آر پراجيڪٽ سان واپار ۽ صنعت ۾ ترقي ٿيندي ۽ روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا.
نگران وڏي وزير چيو ته سي پيڪ پاڪ چين وچ ۾ ڀائيواري ۽ ترقي جو مثال آهي، واپار، اقتصادي ترقي، علائقائي انضمام، ثقافتي ۽ ماحولياتي استحڪام کي هٿي ملندي