تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

ڪراچي: نگران وزيراعظم ۽ پ پ قيادت ۾ ملاقات جي اندورني ڪهاڻي

نگران وزير اعظم انوار الحق الحق ڪاڪڙ سان پيپلز پارٽي سنڌ جي اڳواڻن جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، وفد چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ سميت ٻين مقررين ۽ بدلين تي اعتراض اٿاريا آهن.

نگران وزير اعظم انوار الحق الحق ڪاڪڙ سان پيپلز پارٽي سنڌ جي اڳواڻن جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.

پيپلز پارٽي جي وفد نگران وزيراعظم سان ملاقات ۾ چيو ته مٿن دٻاءُ هو ته ٽن سالن جو مدو پورو ڪرڻ کان آءِ جي سنڌ کي اڳ تبديل نه ڪيو وڃي.

وفد، نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي نگران حڪومت سان صلاح مشوري کانسواءِ آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ آءِ جي سنڌ کي ٽن سالن جو مدو پورو نه ڪرڻ ڏنو ويو.

پيپلز پارٽي جي وفد خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته وفاق ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ آفيسرن کي هٽايو ويو يا سائيڊ لائن ڪيو ويو آهي، وفاق ۾ 41 وزارتن ۾ رڳو چئن سيڪريٽرين جو تعلق سنڌ سان آهي.

پيپلز پارٽي جي وفد چيو ته سنڌ شان تعلق رکندڙ 22 گريڊ جا 7 آفيسر پوسٽنگ کان محروم آهن، سنڌ جو چيف سيڪريٽري به ٻئي صوبي مان مقرر ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ جي وفد، سنڌ ۾ ترقياتي فنڊز منجمد ڪرڻ ۽ وڏي پئماني تي ٽرانسفر پوسٽنگ تي به اعتراض ڪيا، آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ جي مقرري تي به اعتراض ڪيا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون