ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ جھيڙي دوران 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
سنڌي شاگرد تنظيم ۽ مذھبي جماعت جي شاگردن وچ ۾ بس پوائنٽ جي معاملي تان جھيڙي دوران 5 شاگرد زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ اعجاز سولنگي، واجد کچي، مير عالم درس، ڪاشف شر ۽ سرمد ابڙو شامل آهن.
متاثر شاگردن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي انچارچ کي مذھبي جماعت جي شاگردن پاران ڌمڪيون ڏيڻ بابت شڪايت ڪئي هئي، پر ڪنهن به نوٽس ڪونه ورتو.
هنن چيو ته مذهبي جماعت جي شاگردن ٻاهران ماڻهو گهرائي يونيورسٽي اندر کين تشدد جو نشانو بڻايو.
هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي آهي ته مامري جو نوٽس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي