تازه ترين

ڪراچي: پوليس سرجن پاران جناح اسپتال جي ايم ايل او خلاف صحت کاتي جي سيڪريٽري کي خط

پوليس سرجن ڪراچي ڊاڪٽر ثميه جناح اسپتال جي ايم ايل او خلاف سيڪريٽري صحت سنڌ کي شڪايتي خط لکي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.

ڊاڪٽر ثميه سيد خط ۾ ايم ايل او ڊاڪٽر عبدالباسط تي غير ذميواري جو الزام لڳائيندي سندس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

خط جي متن موجب، ڊاڪٽر عبدالباسط هميشه دير سان پهچي ٿو ۽ کيس وڃن جي به جلدي هجي ٿي، اربع ڏينهن ست ورهين جي ٻارڙي جي لاش جي پوسٽ مارٽم ۾ غير ضروري دير ڪئي وئي، مڙهه جي موجودگيءَ باوجود ايم ايل او غير ذميواري جو مظاهرو ڪندي اسٽيشن ڇڏي ويو هليو.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر باسط جو اهو ڪو هڪ ڪيس نه پر هر ڀيري جو رويو آهي، غير ضروري دير ثبوتن جي ضياع واري نقصان جو سبب ٿي سگھي ٿو.

خط موجب،ساڍي يارهين وڳي اسپتال آيل ٻارڙي جي لاش جي رپورٽ شام 5 لڳي 51 منٽن تائين ممڪن نه ٿي سگهي، دير تائين انتظار ۽ واٽس ايپ رابطي، فون ڪال باوجود غير ذميواري ظاهر ڪندي ڊاڪٽر عبدالباسط فون بند ڪري ڇڏي.

ڊاڪٽر ثميه سيد خط ۾ چيو ته آخرڪار مجبور ٿي شام جي ڊيوٽي تي موجود ايم ايل او کان فارملٽيز مڪمل ڪرايون ويون.

پوليس سرجن ڊاڪٽر ثميه، سيڪريٽري صحت کان ايم ايل او ڊاڪٽر عبدالباسط خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي گهر ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون