ثقافت کاتي واري صوبائي وزير ذوالفقار شاهه چيو آهي ته ڪراچي کان کوکرپار تائين سفاري ٽرين هلڻ سان سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ هٿي ملندي.
ڇور ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذولفقار شاھ انتظاميا سان گڏجي ڇور ريلوي اسٽيشن جو دورو ڪري جائزو ورتو.
ڪراچي کان کوکراپار تائين ٿر ڊيزرٽ سفاري ٽرين ھلائڻ جي سلسلي ۾ ثقافت کاتي جو صوبائي وزير جائزو وٺڻ لاءِ ڇور پهتو.
صوبائي وزير ذولفقار شاھ چيو ته سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڪراچي کان کوکراپار تائين سفاري ٽرين ھلائي پئي وچي.
هن چيو ته ٽرين ۾ سفر ڪندڙ سياحن لاءِ ٿر جي علائقي پرچي جي ويري تي رھائش جو انتظام ڪرڻ لاءِ پاڪ آرمي کان اجازت ورتي ويندي.
سيد ذوالفقار شاهه جو چوڻ هو ته پرچي جي ويري تي رات رھڻ کانپوءِ ٻئي ڏينھن بارڊر جو وزٽ ڪرايو ويندو.
ھن چيو ته اھا آزمائشي ٽرين ٿر جي ماڳن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ھفتي ۾ ھڪ ڏينھن ھلائي ويندي، جيڪا ڇنڇر ڏينھن ڪراچي کان کوکراپار لاءِ رواني ٿيندي ۽ آچر جي ڏينھن واپس ڪراچي لاءِ نڪرندي.
ذوالفقار شاهه چيو ته ٽرين خاص طور تي سياري جي موسم ۾ ھلائي ويندي، پھرين آزمائشي ٽرين 8 فيبروري تي ھلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.