تازه ترين

ڪراچي: ڪار شوروم تي فائرنگ ۽ ڀتا خوري ڪندڙ ٽولو گرفتار

- Advertisement -
ڪراچي ۾ جمشيد ڪوارٽر واري علائقي ۾ ڪار شو روم تي فائرنگ ڪندڙ ڀتا خوري ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي امجد شيخ موجب پوليس جي اسپيشل انٽيليجنس يونٽ ۽ سي آءِ اي ڪارروائي دوران چئن ڀتا خورن کي گرفتار ڪيو، جن مان هڪ زخمي به آهي. ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ جنيد، بلال، وقار ۽ اعجاز طور ٿي آهي. ايس ايس پي امجد شيخ موجب جنيد ڪار شو روم تي ڀتا خوري لاءِ فائرنگ ڪيو، جڏهن ته ٻه جوابدار ايس آءِ يو اهلڪارن تي فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿيا. ايس ايس پي موجب پوليس ڪارروائي دوران جوابدارن وٽان هٿيار، موبائل فون ۽ ٻه چوري ٿيل موٽرسائيڪلون به هٿ آيون. هن ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن جو تعلق لياري احمد علي مگسي ٽولي سان آهي ۽ اهي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث رهيا آهن. ايس ايس پي امجد شيخ موجب جوابدارن خلاف ڀتا خوري، منشيات ۽ غيرقانوني هٿيارن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جوابدار جنيد خلاف نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا پوليس اسٽيشن ۾ ڀتا خوري جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته ڀتا خور ٽولن خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن شهر ۾ امن قائم ڪري سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
12 %
2.3kmh
0 %
خميس
13 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
15 °
آچر
16 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون