- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال نيپا چورنگي ويجهو معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪري پيو جنهن جي ڳولا لاءِ گذريل ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ريسڪيو آپريشن هلندڙ آهي.
واقعو آچر جي رات يارهين وڳي پيش آيو، ريسڪيو اهلڪارن ٻار جي ڳولا شروع ڪئي پر هن وقت تائين هٿ نه اچي سگھيو.
ترجمان ريسڪيو 1122 جو چوڻ آهي ته ٽن سالن جو ٻارڙو پنهنجي والدين سان گڏ ڊپارٽمينٽل اسٽور کان ٻاهر نڪتو ته گٽر جي ڍڪڻ تي چڙهيو ۽ اندر ڪـِري پيو.
ٻارڙي جي والد نبيل جو چوڻ آهي ته سندس موٽر سائيڪل گٽر جي ڍڪڻ ڀرسان پارڪ هئي جڏهن ته ته گٽر تي ڍڪڻ موجود ئي نه هو، معصوم پٽ منهنجي اکين آڏو گٽر ۾ ڪـِريو آهي.
3ورهين جي ابراهيم جي ڏاڏا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موٽر سائيڪل جي پارڪنگ فيس ورتي ويندي آهي پر گٽر جو ڍڪڻ ناهي لڳايو ويندو، گورنر سنڌ، وزيراعلى سنڌ، ميئر مرتضى وهاب ننڍڙي کي پنهنجو ٻار سمجهي ريسڪيو جو ڪم ڪرائين.
واقعي کانپوءِ نيپا چورنگي تي شهرين احتجاج شروع ڇڏيو ۽ ٽائر ساڙي نيپا چورنگي ۽ کان حسن اسڪوائر ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو……..
- Advertisement -
