- Advertisement -
ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت 5 ڏهائي 2 ۽ اونهائي 12 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.
ڪراچي جي علائقي آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر ڪلفٽن، پي اي سي ايڇ، ڊي ايڇ، سائيٽ ايريا، جوهر ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي سبب ماڻهو گھرن کان ٻاهر نڪري آيا.
ذريعن موجب بلوچستان جي وندر، حب، گڏاڻي ۽ سومياني واري علائقي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 2 ۽ اونهائي 12 ڪلوميٽر ۽ مرڪز ڪراچي کان 87 ڪلوميٽر پر سومياني ۾ هو……………
- Advertisement -
