ڪراچي ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي حواله هنڊي ۽ غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث ٽي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ترجمان موجب، ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل نجي مال ۾ ڪارروائي دوران ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو.
ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ عبدالله، صديق ۽ مبين شامل آهن جن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي.
ترجمان موجب، جوابدار بنا لائسنس ڪرنسي ايڪسيچينج جو ڪاروبار ڪري رهيا هئا، ٽنهي جوابدارن جي قبضي مان 3200 امريڪي ڊالر، گاڏي، 4 موبائل فونز هٿ ڪيون ويون.
ايف آءِ اي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جلد سندن ٻين ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويندو…..