تازه ترين

ڪراچي ۾ ايل پي جي جي دڪان ۾ سيلينڊر ڌماڪي سبب 2 ڄڻا فوت

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي فيڊرل بي ايريا ۾ ايل پي جي جي دڪان ۾ سيلينڊر ڌماڪي سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي واقعو فيڊرل بي ايريا جي بلاڪ 6 ۾ سلينڊر جي دڪان ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب پيش آيو، جڏهن ته باهه لڳڻ سبب دڪان ۾ موجود ٻيو سامانبه سڙي رک ٿي ويو. اطلاع تي فائر برگيڊ جي ٻن ٽينڊرز واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو، باهه وسائڻ کانپوءِ دڪان جي معائني دوران ٻن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا. پوليس موجب، باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿيلن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي جڏهن ته لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هڪ مهينو اڳ ڊپٽي ڪمشنر سلينڊر جي دڪان کي سيل ڪيو هو. علائقي واسين الزام لڳائيندي چيو ته يوسف پلازه ٿاڻي جي پوليس تي رشوت عيوض 4 ڏينهن اڳ دڪان واپس کولرايو هو. هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪراچي جي ڪمشنر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون