تازه ترين

ڪراچي ۾ تيز برسات جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ تيز برسات جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي، اڄ شهر ۾ هلڪي برسات پوڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي، ڪراچي ۾ برسات جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، سڀ کان وڌيڪ برسات قائد آباد ۾ 44.5 ملي ميٽر ٿي جڏهن ته ڊي ايڇ اي فيز ٽو ۾ 40.5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

ڪورنگي ۾ 39.3، ڪيماماڙي ۾ 31 ملي ميٽر، سرجاجي ٽائون ۾ 30.4 ملي ميٽر، گلشن حديد ۾ 27 ملي ميٽر، شاهراهه فيصل تي 26 ملي ميٽر، اورنگي ٽائون ۾ 24.1 ۽ سعدي ٽائون ۾ 20 ملي ميِٽر برسات پئي آهي.

موسميات کاتي موجب، نارٿ ڪراچي ۾ 16 ملي ميٽر، پي اي ايف مسرور بيس ۽ ناظم آباد ۾ 12.5 ملي مينهن وسيو، ان کان علاوه ايئرپورٽ اولڊ ايريا ۾ 12.3، يونيورسٽي روڊ تي 10.3 ملي ميٽر، گڏاپ ۾ 7.9، ملير هالٽ ۾ 6 ۽ دائود چورنگي ۾ سڀ کان گھٽ 5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

ڪراچي ۾ تيز برسات سجو سلسلو تقريبن ختم ٿي چڪو آهي جڏهن ته هلڪي برسات ۽ ڦڙ ڦڙ اڄ ٿي سگھي ٿي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
19 %
1.3kmh
0 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون