- Advertisement -
ڪراچي ۾ تيز رفتار ٽرڪ ۽ ڪار موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويو، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيلن مان هڪ جي سڃاڻپ 34 ورهين جي اويس طور ٿي جڏهن ته ٻئي جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي، زخمين ۾ 55 ورهين جو اصغر، 30 ورهين ورهين جي عورت آمنه، حيدر، عادل ۽ اسرار شامل آهن جن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت موٽر سائيڪل جڏهن ته زخمي ٿيل سمورا ماڻهو ڪار ۾ سوار هئا، ٽريڪ ڊرائيور موقعي تي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.- Advertisement -
