ڪراچي ۾ جشن آزادي جي موقعي تي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ سبب عورت سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ 14 آگسٽ جو ڏهاڙُ شروع ٿيندي ئي هر طرف آتشبازي ۽ هوائي فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو.
ريسڪيو ذريعن موجب، فائرنگ جا واقعا لياري، گارڊن، لانڍي، ڪورنگي، محمود آبد، نيو ڪراچي، بلال ڪالوني گارڊن ۽ ٻين علائقن ۾ پيش آيا.
پوليس موجب، 24 زخمين کي سول، 29 کي جناح ۽ 30 زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو جتي کين طبي امداد ڏني وئي.