ڪراچي ۾ رينجرز کنڊ ذخيرو ڪندڙن خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ڪندي هڪ ارب رپين جي کنڊ هٿ ڪري ورتي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز اسلام نگر بلديا ٽائون ۽ حب ريور روڊ تي ٻن مختلف گودامن ۾ ڪارروايون ڪيون.
رينجرز ترجمان موجب، ڪاررواين دوران کنڊ جا هڪ لک 40 هزار ڪٽا هٿ ڪيا ويا آهن.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته هٿ آيل کنڊ جي ماليت هڪ ارب رپين کان وڌيڪ آهي، ذخيرو ڪيل کنڊ مبينا طور بلوچستان رستي افغانستان اماڻي ويندي هئي.
رينجرز ترجمان موجب، ٻنهي گودامن کي سيل ڪري هٿ آيل کنڊ وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ سول انتظاميا حوالي ڪئي وئي آهي.
