- Advertisement -
ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل ۽ آمريڪي عوام طرفان پاڪستاني عوام کي جشن آزادي جون واڌايون ڏنيون ويون آهن.
پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ آمريڪي قونصل جنرل ڪانرڊ ٽربل چيو آهي ته هو آمريڪي عوام طرفان پاڪستانين کي آزادي جي ڏهاڙي جون واڌايون پيش ڪري ٿو، هي سنگ ميل ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپن جي 77 سالن جي علامت پڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائيواري اقتصادي ترقي، خوشحالي ۽ علائقائي استحڪام جي مقصدن تي ٻڌل آهي.
آمريڪي قونصل جنرل جو چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت سان سهڪاري لاڳاپن جي عزم کي ورجاءَ ڪيون ٿا.
ڪانرڊ ٽربل جو وڌيڪ چوڻ هو ته گڏجي اسان چئلينجن کي منهن ڏنو ۽ ڪاميابين جو جشن ملهايو.- Advertisement -
