تازه ترين

ڪراچي ۾ هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي ٽن ڀينرن جي اڪيلي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

گلستان جوهر ۾ ڦورن 23 ورهين جي محمد سعد خان کان ڦر جي ڪوشش ڪئي ته هنن مزاحمت ڪئي جنهن تي جوابدارن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ هو موقعي تي مارجي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گلستان جوهر جي نعمان اوينيو وٽ اڻڄاتل ڦورن نوجوان محمد سعد خان کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽  مزاحمت ڪرڻ تي کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته مقتول نارٿ ڪراچي جو رهواسي هو، سندس لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي واري هنڌ تان ٽيهه بور جي پسٽل جو کول مليو آهي.

پوليس اهو به ٻڌايو ته مقتول جي هڪ مائٽ اسپتال ۾ ٻڌايو ته سعد انس خان شاگرد هو ، هو بائيڪا هلائيندو هو ۽ پنهنجي مامي سان گڏ فيڪٽري ۾ آئوٽ ڊور ڪم به ڪندو هو ۽ ٽن ڀيرن جو اڪيلو ڀاءُ هو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون