- Advertisement -
ڪراچي ۾ يونيورسٽي روڊ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب پي ايس او پيٽرول پمپ ويجهو جوابدار موٽرسائيڪل سوار شهري کان هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري رهيا هئا.
گشت ڪندڙ پوليس پهتي ته مقابلو ٿي پيو، فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
مارجي ويل ۽ گرفتار جوابدار جي قبضي مان 2 پسٽل، ايمونيشن، ڦر ڪيل موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، مارجي ويل جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار جي زاهد پٽ هاشم جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي.- Advertisement -
