- Advertisement -
ڪراچي ۾ پوليس سنڌ رواداري مارچ روڪڻ لاءِ تين تلوار وٽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري ڪنٽينر رکي رستا سيل ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اڄ کان 17 آڪٽوبر تائين قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پوليس سنڌ رواداري مارچ روڪڻ لاءِ جون تياريون ڪندي تين تلوار وٽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري ڪنٽينر رکي رستا سيل ڪيا ويا.
شاهراهه فيصل کي ايف ٽي سي وٽان ٽينڪر ۽ پوليس موبائلون بيهاري بند ڪيو ويو.
پوليس ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڊاڪٽر سورٺ سنڌو ۽ سندس ڀيڻ ميران سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.
سنڌو نواز گهانگهرو وڊيو بيان ذريعي اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ مارچ هر حال ۾ ٿيندو.
سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اڄ کان 17 آڪٽوبر تائين قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو.
صوبائي گھرو کاتي شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
نوٽيفڪيشن موجب، صوبائي گھرو کاتي جي حڪمنامي کانپوءِ ڪراچي ۾ جلسا، جلوس ۽ ريليون ڪڍڻ تي به پابندي هوندي.
سنڌ جي گهرو کاتي جي اعلان موجب ڪراچي ۾ پنجن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي.- Advertisement -
