تازه ترين

ڪراچي  ۾ ڦلجي اسٽيشن واسي پورهيت نوجوان قتل

ڪراچي  ۾ ڦلجي اسٽيشن واسي پورهيت نوجوان کي قتل ڪيو ويو، وليس شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.

ڊي ايڇ اي ٽائون ۾ فلور مل تي گارڊ طور ڊيوٽي ڪندڙ 28 ورهين جي حاجن پنھور کي ھٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ بعد پوليس ٻئي چوڪيدار حاجن ڀٽو کي پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ حراست ۾ورتو جنهن پڇا ڳاڇا دوران ڏوهه قبوليو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ساڳي ئي ڪمپني ۾ سيڪورٽي گارڊ طور ڪم ڪندو هو، سندس تعلق نصير آباد ضلعي لاڙڪاڻي سان آھي.

هوڏانهن مقتول نوجوان جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

نوجوان جي والد ڪالو پنھور ٻڌايو ته خبر نه آهي ته سندس نوجوان پٽ کي ڇو قتل ڪيو ويو آهي، پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
13.6 ° C
13.6 °
13.6 °
66 %
0.6kmh
36 %
جمعو
14 °
ڇنڇر
19 °
آچر
22 °
سُومر
23 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون