- Advertisement -
ڪراچي ۾ گاڏي ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن قمبر واسي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ڄامشوري ۾ مقابلي دوران چار هٿياربند مارجي ويا.
ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي قمبر واسي نوجوان عدنان مگسي کي قتل ڪري ڇڏيو، سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو.
عدنان مگسي جي ڀاءُ انيس مگسي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اطلاع تي پوليس ڄامشوري ۾ ناڪابندي ڪئي جنهن دوران واقعي ۾ ملوث چار دهشتگرد مارجي ويا.
ايس ايس پي ڄامشوري ظفر صديق ڇانگا چيو ته جوابدارن سپر هاءِ وي تان عدنان مگسي کان ڊبل ڪيبل گاڏي ڦر ڪرڻ کانپوءِ ايم نائن موٽروي تان وڌيڪ هڪ گاڏي ڦر ڪئي.
هن چيو ته ڄامشورو پوليس ڪار لفٽنگ ٽولي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻطرفي فائرنگ ۾ چارئي جوابدار مارجي ويا آهن.
ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجي چيو ته ڪراچي ۾ نوجوان کي قتل ڪندڙ چار دهشتگرد مقابلي ۾ مارجي ويا آهن.
هن چيو ته جوابدار ڪراچي مان ڦر ڪيل گاڏي ٻئي شهر منتقل ڪرڻ دوران پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويا آهن.
ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو موجب مارجي ويل هڪ جوابدار جي سڃاڻپ حيدرو مهر جي نالي سان ٿي آهي.
هن چيو ته مارجي ويل وڌيڪ ٽن هٿياربندن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي…………..- Advertisement -
