ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس ۾ فليٽ تي ڪم ڪندڙ نينگريءَ فليٽ مالڪن تي زيادتي ۽ تشدد جو الزام مڙهيو آهي.
ڳڙهي حسن جي ڳوٺ احمد آباد جي رهواسڻ 15 ورهين جي نينگري ثمينا کوسو سان ڪراچي ۾ فليٽ مالڪن مبينا طور سخت تشدد ڪري جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي.
متاثر نينگري جو چوڻ آهي ته هوءِ ڪراچيءَ جي علا؟قي ڪلفٽن فيز ٽو خليل پارڪ بلاڪ پندرهن ۾ چئن ورهين کان سلطانه رحمان جي فليٽ ۾ ڪم ڪندي هئي.
هن چيو ته گهر مالڪ خليل احمد، جاويد ۽ اشفاق کيس زيادتيءَ جو نشانو بڻائي بيهوشيءَ واري حالت ۾ فليٽ مان هيٺ اڇلائي ڇڏيو.
نينگريءَ چيو ته فليٽ ۾ رهندڙ مرد توڙي عورتن مٿس مسلسل ظلم ڪندا هئا، ساڻس ظلم ۽ زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.