ڪراچي ۾ 556خطرناڪ عمارتون برقرار،بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ انڪشاف

- Advertisement -
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪراچي ۾ 556 خطرناڪ عمارتون برقرار آهن. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ سنڌ اسمبلي ۾ پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب، 556 خطرناڪ عمارتن مان رڳو صدر ٽائون ۾ 327 عمارتون موجود آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايس بي سي اي 146 غير قانوني رهائشي منصوبن خلاف به ڪارروائي ناهي ڪئي. رپورٽ موجب، شهر جي مختلف علائقن ۾ واقع 596 پلاٽن تي به غير قانوني اڏاوتن کي نه روڪيو ويو. رپورٽ  ۾ چيو ويو آهي ته 21 تعمير هيٺ منصوبن ۾ بلڊنگ پلان ۽ اين او سي به نه ٽنگيو ويو ۽ نه ئي ڪارروائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب، 2015 کان 2020 تائين پنجن سالن ۾ خالي ڪرايل عمارتن جو به ڪو رڪارڊ ميسر ناھي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنج سالن ۾ رهائشي پلاٽن کي ڪمرشل ڪرڻ بابت به ڪو تفصيل نه ڏنو ويو، غير قانوني عمارتن بابت عدالتي ڪيس ۽ نيب انڪوائرين بابت به ڪو رڪارڊ مهيا نه ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
22%
6.2m/s
100%
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون