- Advertisement -
ڪرم ضلعي ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي سبب پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته 21 جون تي ڪرم ضلعي جي علائقي صده ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏيءَ تي بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب پنج فوجي شهيد ٿي ويا.
شهادت ماڻيندڙن ۾ حوالدار عقيل احمد، لانس نائڪ محمد سفير، سپاهي انوش رفون، سپاهي محمد اعظم خان ۽ سپاهي هارون وليم شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب شهيدن وطن خاطر لازوال قرباني ڏيندي شهادت ماڻي، علائقي ۾ موجود دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن پڻ ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته حملي ۾ ملوث ڪردارن کي انصاف جي ڪٽهير ۾ آندو ويندو، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
