تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ۽ ناڻي جا ذخيرا 8 ارب ڊالر آهن: محمد اورنگزيب

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ۽ ناڻي جا ذخيرا 8 ارب ڊالر آهن،  ملڪي معيشيت درست رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، ايندڙ هفتي تائين آءِ ايم ايف کان هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر جي قسط ملي ويندي،  آءِ ايم ايف جي پروگرام مان نڪرڻ لاءِ ٽيڪس ۾ اضافو ڪرڻو پوندو،  ٽيڪس ٽو جي  ڊي بي شرح 9 سيڪڙو ٿيڻ تائين  معاشي ترقي ممڪن ناهي، ٽيڪس ڏيندڙ شهرين تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بهتر نه هوندو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته ايندڙ هفتي تائين آءِ ايم ايف کان هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر جي قسط ملي ويندي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام مان نڪرڻ لاءِ ٽيڪس ۾ اضافو ڪرڻو پوندو.

محمد اورنگزيب چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ۽ ناڻي جا ذخيرا 8 ارب ڊالر آهن،  ملڪي معيشيت درست رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ٽيڪس ٽو جي  ڊي بي شرح 9 سيڪڙو ٿيڻ تائين  معاشي ترقي ممڪن ناهي، ٽيڪس ڏيندڙ شهرين تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بهتر نه هوندو.

ان کان اڳ اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان بابت آءِ ايم ايف بورڊ جو فيصلو هلندڙ هفتي اچڻ جو امڪان آهي ۽ هفتي جي آخر تائين قسط ملڻ سان پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿي ويندا.

هن چيو ته پاڪستان 24 هين آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃي رهيو آهي پر پوءِ به ڪنهن به پروگرام بابت چوڻ وقت کان اڳ  هوندو.

سندس چوڻ هو ته حڪومت ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ مالياتي خساري کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکيو آهي.

محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جو پروگرام آهي ۽ ڪير هنن کان ڪجهه نه ڪرائي رهيو آهي، بجلي ۽ گئس جي اگهن بابت سندن پنهنجون اوليتون آهن.

محمد اورنگزيب چيو ته واپارين جي رجسٽريشن بابت مستقبل ۾ ڏٺو ويندو،  اميد آهي ته اسڪيم سان بهتري ايندي ۽ ڪنهن به قسم جي ڳڻتي جي ڳالهه ناهي.

هن چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ ناڻي واڌ تي ضابطي لاءِ قدم کنيا آهن،  حڪومتي قدمن سبب ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي.

سندس چوڻ هو ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، پاليسي ريٽ برقرار رکيو ويو آهي، حڪومت زراعت ۽ صنعتي شعبي کي هٿي ڏئي رهي آهي،  حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

محمد اورنگزيب چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ڪڏهن هيٺ تي ڪڏهن مٿي وڃي رهي آهي، هن وقت اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي.

ايس او ٽي…….

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون